مان نه رڳو

تنهنجي محبت جا مٽبا ٿا وڃن ميدان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي مرڪ سهرا مست ڪيا ميخان هزارين مان نه رڳو

 

محمد ڪري معراج آيو ايئن تاج پُٺيان بيتاج آيو

حسنين علي حسين آيو، سلمان هزارين مان نه رڳو

 

تنهنجي عشق عجيب مثال ڪيا عباس اويس بلال ڪيا

تنهنجي جلون هي جڳ پال ڪيا، جهان هزارين مان نه رڳو

 

جڏهن سڪندر شاه سيگار ڪيو اسلام وري آباد ٿيو

هئو حر ”مجاهد“ نعرو هنيو حيران هزارين مان نه رڳو

 

Advertisements

سري ديوي

سري ديوي سدا  سهڻي صنم  سينگارجي  بيٺي

گنگا جمنا منجهان گل ٿي وري وهنجارجي بيٺي

 

سندس وسيهر بي وس آهن ڦڻي ڦيري ته ڦڻ ٺاهن

چٽا ٿيا چنڊ تي چاري جڏهن ڇمڪارجي بيٺي

 

اچو! اوتيون عطر رومي گلابي مشڪ عنبر کي

کلي تان خود کليون کنوڻيون، کٿوري کارجي بيٺي

 

جڏهن جلوو ڪري جلوو، ڪري جلوو جڏهن جاني

گلابي رنگ گهري سان جڏهن گلزارجي بيٺي

 

گهڙي سا، جا گهڙي گهاريئه کلي کوه وٽ کيڪاريئه

”مجاهد“ کي ملي مارئيه هينئون دل هارجي بيٺي

 

 

 

 

ڄام تماچي

تماچي تڻ ڌڻي! تنهنجا قصا ڪينجهر   ٻڌائيندو

ڪڏهن هئي نامور نوري سبق سڀئي سڻائيندو

 

اُتي  اوڀار  جون  آريون   ملاحن  جت مڇيون    ماريون

بنايائون شهر بازاريون، کنيائون   جت   ککيون      کاريون

پکي ماريا ٿي   پاڙهيرن،   ڏيئي  جت  تار    ۾   تاريون

سمي جي هن سخاوت سان مياڻيون معاف ٿيون ساريون

رڇن    ۾    راڄ     ڦاسائي    پلا     جت       پچائيندو

 

ملاحن  جي  متا ميڙا  ڇڳيرين جت ڪيا ڇيڙا

گهڙيا  گهاتو   گهمي   گهيڙا   وڌائون   ٻار   ۾   ٻيڙا

جني مانگر ٿي مڇ ماريو ملاح سي مورڙي جهڙا

اڳيان  ڏس  آب  ٿو  اڌمي نه هي ڇيڙا نه هو ڇيڙا

تماچي  جو  اهو  تڪيو  جتي  هو   تاج پائيندو

 

سڄي   سئو   ڪوه   ۾   ساري   مٿس   پيا  بند هن باري

چٽي   چوڦبر   چوڌاري،  سڙهن   ٻيڙن   سان   سينگاري

منجهس ڪئين ڪن ڪلاڌاري ويهن واڳون اندر واري

ڪلانڪر کان ڪثر ڪاري آهي منڇر کان موچاري

اتر   جو    واءُ    آرين   کي   هندورين   جيئن     هلائيندو

 

جڏهن ايڪيهين صدي آئي تڏهن مون ڳالھ هيءَ ڳائي

نڪا ٻانهي   نڪا   ٻائي   نڪا   نوري   نظر   آئي

حسن جا حادثا هيڏا، ويئي سڀ خاڪ ڏس کائي

آ هوندل شاه هن جي قبر ڪنهن ۽ ڪڏهن  ٺاهي

سندس روحن تي راضي ٿي خدا رحمت وسائيندو

 

سمو   سائو   ۽   سوڀارو     مٿيرو     مرد   موچارو

هڻي جنهن نينهن جو نعرو کنيو جنهن ڄام  ٿي ڄارو

اندر  ۾   عشق    جو البت لڳس ڪو  آر اوڀارو

ڪنن ۾ پئي ڪڙڪيو جتي پاڻي     سندو پارو

”مجاهد“   عشق   منزل   پٽن   سين   ڇٽ لڳائيندو

زلزلو

زلزلي جا زور ڏسندي ويا سڪي سڀني جا ساه

ڇڄ جيئين ڇڻڪي زمين پئي پاڪ پرور ڏي پناه

ڀونءِ  هندوري  جيئين  هلي  پئي ٻيو وسيلو ناه واه

 

پئي زمين ڏس زور سان دهشت ۽ ڌڌڪارون ڪري

قهر ڪريو قوم تي ڪوهن مٿان ڪڙڪا  ڪري

ٿي   ويون   مسمار     ماڙيون     شهر    بازاريون   ڀري

هن   ڏسي   ڪو  حادثي کي من ڪو والي ڏي وري

پيا    لکن    ۾   لهر      لوڏا      تون      بچائين      بادشاه

 

جڳ جمعي جي ڏينهن ڏٺي پئي سگھ سندء صاحب ستار

ست    زمينن    مان    سڌو   پيو   آب    اُڌمي    آر    پار

تو    بچايا   سي   بچي   ويا  ڪئين  ويا هليا وڙهيون ولهار

ٻار    ٻڍڙن    کان    ٻڌم    پئي    پاڪ    پرور   جي پچار

تو    مڙوئي    معاف   ڪيو   نه ته   لوڪ جا نڪرن ها لاه

 

اوچتو آواز آيو ڪنهن نه پئي ڪنهن جي خبر

لک   لپيٽن   ۾   اچي  ويا منٽ هڪڙي ۾ مگر

مور   ملبن   ۾ مري   ويا   ٿيا ڪهڙا ڪارا اڱر

گوڙ   ڪارونجهر   ڪئي  ، ڏس ڏيپلي تائين ڏمر

ٻيا   اجها   سڀ   ويا   اجهامي تون اجهو آهين اللّه

 

هاء!   احمدآباد    اڄ    موت   جو   ميدان ٿيو

غرق    ٿي   ويا   گهر گهڻا گُجرات گورستان ٿيو

پاڪُ پاڪستان ۾ ڏس ناه ڪو نقصان ٿيو

هيءُ    ”مجاهد“   مرد   مئومن معجزو قرآن ٿيو

ساڻ ڪلمي جي اي قادر من پڄن پويان پساه

 

نبين جون امتون سڀئي چون پيون حسين پنهنجو زمان آهي

نبين جون اُمتون سڀئي چون پيون حُسين پنهنجو زمان آهي

علي کي لک لک ڏيون مبارڪون حُسين فاتح جهان آهي

 

ازل کان اڳ ۾ اول نمبر هو هزارين لشڪر اڪيلو حُر هو

حسين دفنيو کنيو ڪلهي تي انهيء کان وڌ ڇا انعام آهي

 

جگر هيءُ زهره بتول جو آ، بلند ڪيو جنهن سر رسول جو آ

امين جبرائيل  ٻڌايو مون کي حسين   ناطق  قرآن  آهي

 

نبي جا بچڙا جڏهن اڃايا عباس پنهنجا بازو ڪٽايا

علي سان جنهن جي برادري هئي حُسين جو سو غلام آهي

 

خدا جو ڪعبو وتيو ٿي ڦرندو حُسين تي ئي درود چوندو

ملائڪن جا هُجوم آهن مجاهدن تي سلام  آهي

مهدي جهڙو مرشد منهنجو ڪامل آهي ڪلنگي دار

مهدي جهڙو مُرشد منهنجو ڪامل آهي ڪلنگي دار

صبغت اللّه جو ثاني آهي سڪندر شاه سندم سردار

 

حر هڻن ٿا حق جا نعرا ڀيڙا ٿيو ڪن ڀيڄ پاڳارا

سنڌ اندر هن ساٿي سارا ٻيا اڇڙي ٿر کان آروپار

 

رجبي تي ٿا رنگ رچائين غازي گڏجو گوڙ مچائين

در لکي وٽ ڌوڌٽ آهن ڪيائون ڪنگري منجھ قطار او يار

 

حاضر منجھ حضور ۾ آهن گيت خوشي جا سڀ پيا ڳائين

ڍولي ديڳ مان ڍاوا آهن دم دم ڪن ٿا سي ديدار

 

عبداللٰه شاه عارف آهي نعت مجاهد چانڊيو ڳائي

شعر انهيء تي شاهد آهي نقش چٽي ڪيائين نروار

 

 

 

 

بشر آهيان خيرالبشر ٿو گهران مان

بشر آهيان خيرالبشر ٿو گهران مان

نبي پاڪ جي هڪ نظر ٿو گهران مان

 

مسجودِ ملائڪ ته آهيان ازل کان

علي جي ولادت جي ڀر ٿو گهران مان

 

هيءُ فردوس جنت هي حورون ملائڪ

هيءُ پراڻو منهنجو پڊ نه گهر ٿو گهران مان

 

حسين وّ حسن هن حمايت ۾ منهنجي

صداقت جي سجدي جو سر ٿو گهران مان

 

”مجاهد“ جو معراج آهي محمد

ملي حوض ڪوثر ڏي حر ٿو گهران مان

ڪارا نانگ

پري   پير   تي وار   تو    ڪئين پڄايا

نپٽ نانگ ڪارا اٿئي ڪئين نچايا

 

ڪري پيا ڪمر تان ڪلاڌاري ڪارا

وجهن    ور   وڙهڻ    لاءِ   واسينگ      وارا

تليهر        توهان      جا      چمڻ      پير    آيا

 

عجب  چنڊ ۾    مون ڏٺا آهن   تارا

اُهي     نيڻ    نرگس    آهن  ناز وارا

مکيا     مشڪ   عنبر پوءِ مستي ۾ آيا

 

سڄڻ سنگمرمر ڪيو پست پارو

ڪيو    برق   بجلي کي نازن نظارو

نظارا    سڀئي   ناز    تنهنجي   نمايا

 

جڏهن لب لبن تي لطف ساڻ لايا

تڏهن مينهن جا مست ماما بنايا

تجلي ”مجاهد“ تبڪ سڀ تپايا

سورهيه رس سڪندر شاه

سبغت اللّه سورهيه رس سڪندر شاه ٿي ساڻي

واسيلا واهرو والي مدد ڪر  تون  مريداڻي

 

مدد معافي ڌڻي منهنجي ڪيو ڪلنگي ڌڻي ڪامل

رسج روضي ڌڻي رهبر پيارج پٽ ڌڻي  پاڻي

 

سخي شهزور ٿي شامل مريدن تي آهي مشڪل

قيادت ڪر قطب ڪامل اچي ڪر پاڻ اڳواڻي

 

صداقت سان سڏيان توکي صبح سانجهي سويرو پيو

سندم جي ساٿ پئي سنبري ته تون سيد ٿجان ساڻي

 

مخالف پاڪ مُرشد جا وڙهن مئومن ”مجاهد“ سان

حُرن تي پيا هلن حملا اچي رس هاڻ آرياڻي

ڌڻارن ڌم چڪر لايا ڌڄا ٻاريا مون ڌاران ڪي

ڌڻارن ڌم چڪر لايا ڌڄا ٻاريا مون ڌاران ڪي

مون کان پوءِ مامري مارو انهي ماتام ماريا ڪي

 

وڃي سر ساه ته به آهي سلامت ساخ سانگين جي

سبق هي سومرين کي مون صداقت جا سيکاريا ڪي

 

ڇڏيم جي ڇيلڙا ڇوڙي سفر ۾ سي سڃا هوندا

تڪن ترسن پيا تڙ تي تقاضا ڪيو تسياريا ڪي

 

لڌو ٿم خواب کاهڙ ۾ کٿيرن سان کلان بيٺي

پنهوارن پنهنجي پاران پئي پلر مون کي پياريا ڪي

 

وڻي مون واه جا واري نبيسر نوهٽئي واري

”مجاهد“ ماڳ مارن جي اللّه ائوڀڙ اوڀاريا ڪي