نام ور نالي وڏي سان هُئي نياڻي مارئي

نامور نالي وڏي سان هئي نياڻي مارئي

ملڪ ملت کي مڃايو ماه راڻي مارئي

 

هئي عمرجي ڪوٽ ۾ هيءَ عزم غيرت سان اسير

ڏينهن پنجٽيه ڪين پيتو پاڻ پاڻي مارئي

 

پٽ نه پاتائين، پٽِ سُتي، ڪين پايائين پٽي

ان رسم ان راڄ جي ڪئي راڄ راڻي مارئي

 

هئا گلابي مشڪ عنبر پر مکيا نه مارئي

پر پنهوارن جي پگهر سان ڪئي پڄاڻي مارئي

 

موڙ موهر کي ٻڌائي پوءِ ويئي موٽي ملير

سڀ ستين سرتاج آهي سا سياڻي مارئي

 

اڄ هجي استاد احمد شعر تي شاباش ڏي

تو  چٽي چانڊيا ٻڌائي ، ڪا ڪهاڻي مارئي

وسڪارو

وسائي جنهن موهر تي وري موليٰ ملهارون ڪيون

ڀريائين ٿر نبي سر کي بادل برسي بهارون ڪيون

 

ٿيا سر سبز سر سارا وطن ۾ ويس وسڪارا

پنهوارن ٿي ڀريا پارا انهيء سرهيون سنگهاريون ڪيون

 

ترايون تڙ ٿيا تارين ۾ باجهر ٿي ٻارين ۾

وڏو ويڪر ٿيو وارين ۾ ڪتارين پوءِ قطارون ڪيون

 

وسي پيو آ وطن سارو نبي سر نوهٽيو نارو

مٺي پٽ ڇاڇري وارو پکن پانئر پنهواريون ڪيون

 

”خدا بخش“ کيٽ ٿا کيڙين ”مجاهد“ مال ٿا ميڙين

رندن تي راڳ پيا ڇيڙين سڀئي سانوڻ سونهاريون ڪيون

 

 

 

هتي حريت پسندي جا گهڻا حقدار ويٺا هن

هتي حريت پسندي جا گهڻا حقدار ويٺا هن

سروسر سنڌ سان بازي رکيو  سرڪار  ويٺا هن

 

مڏيون ۽ مال سرمايا سڳوري سنڌ تان صدقي

وطن تان سر وقف وارا کنيو اڄ وار ويٺا هن

 

خدا خانه خرابي ۾ هيو ئي خاص کهڙي جي

انهن عصمت فروشن جا اڃا ڀي يار ويٺا هن

 

قلندر ۽ ڀٽائي آ ڪئي جن سنڌ سوائي آ

غوث ۽ پير پاڳارو سندم سرڪار ويٺا هن

 

زنجيرون ظلم جون ٽٽنديون ضرب سان ذوالفقارن جي

ببر  بگڙيا  ڀٽي جهڙا  علم  بردار  ويٺا  هن

 

”مجاهد“ عشق موليٰ ۾ مري جي مرد ٿيا زنده

صداقت دار سي سنبريا سسيون ڌڙ ڌار ويٺا هن

سحرِ سامي

سحر سامي جيئن ڪر، سهڻل وجهي وئين سور ۾

هو توپ جو تاثير نهستي گهنڊ واري گهور ۾

 

داغ دل ۾ هن هزارين درد دوري دم ڪيا

دل کسي وئين دلربا تون دوستي دستور ۾

 

نينهن ناتو جيئن نديون ٿيون نت وهن نارا ڪريو

ٻيا  وري  نيزا  نظر  کان  نت  لڳن  ناسور   ۾

 

عشق! الفت جو اثر ڏس عشاقن جي عيد آه

عاشقن  جا  سر  اڳئي  اُت  اچن  انبور  ۾

 

تر ”مجاهد“ منهنجي ڪيا تحقيق طابع تاجدار

تحسين سان طاقت هئي تحقيق تجلي طور ۾

خدا عشق نبي تون ڏي نڪا تلقين ٻي ڪا ڏي

خدا عشقِ نبي تون ڏي نڪا تلقين ٻي ڪا ڏي

ڏسان پيو روبرو محمد نظر اهڙي وسيع ڪا ڏي

 

جنون سلمان وارو ڏي ۽ عقيدت ڏي بلاول جي

مونکي عمران جيئين خدمت ڪرڻ واري پتي ڪا ڏي

 

ابوبڪر و عمر، عثمان، حيدر جان آ منهنجي

مون کي ماني جون واري علي گهر پڪي سا ڏي

 

بخمل بوشڪيون بستر سڀئي بيڪار هن مون لاءِ

مون کي اويس جي چولي پراڻي جي چتي ڪا ڏي

 

مکڻ ماکيون ۽ ميواتيون نه ”مجاهد“ ٿو گهري مولا

مون کي دائي حليمان جي ٻڪرين جي لسي ڪا ڏي

پاڪ رت

وهي جو راه حق تي ويو، اهو رت پاڪ ٿي ويو آ

مجاهد اڄ به مقتل ۾ وري  بيباڪ ٿي ويو آ

 

زمين جي ريشي ريشي ۾ اذانون بلند توحيدي

ڪندو مئومن جو سينو هو، اهو خود خاڪ ٿي ويو آ

 

خدا احساس ڪو توکي آهي محبوبِ امت جو

کليو هو رحمتِ باري اهو در تاڪ ٿي ويو آ

 

ڪئي جا تازگي پيدا شهيد خونِ ملت ۾

خودي کي ڪيو بلند شاهين، مٿي افلاق ٿي ويو آ

 

ڪري واکاڻ ٿو زاهد مڪانِ خلد حورن جي

ڇڏي ويران پڊ آدم مڪانِ خاڪ ٿي ويو آ

 

مسلمان عيوضي آهي خدا جو دئور هر ڪنهن ۾

”مجاهد“ پاسبان  آهي  وري  اتفاق ٿي ويو آ

1965 واري جنگ

سنڌ جي سرمست جوانن دلستانن تي سلام

پير پاڳاري جي پتنگن پهلوانن تي سلام

 

سڏ سڪندر جي تي آيا سر تري تي سئو هزار

جستجو جنگ جي ڪيائون تن جوانن تي سلام

 

حر حسيني ٿيا اچي همراه حاضر هم رفيق

قوم تان قربان ٿيا تن قدردانن تي سلام

 

سر اڏي اللّه جي تي عاشقن جي ٿيا انبوه

چئج تون مردِ ”مجاهد“ مسلمانن تي سلام

هڪ ڪنڍيون ڪاريون اکيون ٻيا ڪجل جا ڪانپيا

هڪ ڪنڍيون ڪاريون اکيون ٻيا ڪجل جا ڪانپيا

شيردل  شهباز  شوريل  منجھ ڇٽي  ميدان  پيا

وار وسيهر کان به وڌ ٿيا ور رکن واسينگ جيئين

ٻئي ڪلاڌاري ڪلهن تان نانگ ڪن نيشان پيا

اڄ انجمنِ ارم ۾ هيءَ آشنائي ڪئي عجيب

دلربا جي دست بيعت ڪن وڏا دگران پيا

برگ گل يا برف چمڪي يا بديحل باغ ل۾

يا ڪنڊون ڪاڪل جون ڪاريون يا کلي قرآن پيا

سيڪڙو سهڻا سلامي منجھ هرڻ حورون پريون

گلبدن گوشي نشيني منجھ گهمن غلمان پيا

هڙ حسينن تي حڪومت ڪئي اچي حضرت حسين

منتظر جنهن لاءِ ”مجاهد“ او اچي امتحان پيا