مان نه رڳو

تنهنجي محبت جا مٽبا ٿا وڃن ميدان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي مرڪ سهرا مست ڪيا ميخان هزارين مان نه رڳو

 

محمد ڪري معراج آيو ايئن تاج پُٺيان بيتاج آيو

حسنين علي حسين آيو، سلمان هزارين مان نه رڳو

 

تنهنجي عشق عجيب مثال ڪيا عباس اويس بلال ڪيا

تنهنجي جلون هي جڳ پال ڪيا، جهان هزارين مان نه رڳو

 

جڏهن سڪندر شاه سيگار ڪيو اسلام وري آباد ٿيو

هئو حر ”مجاهد“ نعرو هنيو حيران هزارين مان نه رڳو

 

نام ور نالي وڏي سان هُئي نياڻي مارئي

نامور نالي وڏي سان هئي نياڻي مارئي

ملڪ ملت کي مڃايو ماه راڻي مارئي

 

هئي عمرجي ڪوٽ ۾ هيءَ عزم غيرت سان اسير

ڏينهن پنجٽيه ڪين پيتو پاڻ پاڻي مارئي

 

پٽ نه پاتائين، پٽِ سُتي، ڪين پايائين پٽي

ان رسم ان راڄ جي ڪئي راڄ راڻي مارئي

 

هئا گلابي مشڪ عنبر پر مکيا نه مارئي

پر پنهوارن جي پگهر سان ڪئي پڄاڻي مارئي

 

موڙ موهر کي ٻڌائي پوءِ ويئي موٽي ملير

سڀ ستين سرتاج آهي سا سياڻي مارئي

 

اڄ هجي استاد احمد شعر تي شاباش ڏي

تو  چٽي چانڊيا ٻڌائي ، ڪا ڪهاڻي مارئي

هتي حريت پسندي جا گهڻا حقدار ويٺا هن

هتي حريت پسندي جا گهڻا حقدار ويٺا هن

سروسر سنڌ سان بازي رکيو  سرڪار  ويٺا هن

 

مڏيون ۽ مال سرمايا سڳوري سنڌ تان صدقي

وطن تان سر وقف وارا کنيو اڄ وار ويٺا هن

 

خدا خانه خرابي ۾ هيو ئي خاص کهڙي جي

انهن عصمت فروشن جا اڃا ڀي يار ويٺا هن

 

قلندر ۽ ڀٽائي آ ڪئي جن سنڌ سوائي آ

غوث ۽ پير پاڳارو سندم سرڪار ويٺا هن

 

زنجيرون ظلم جون ٽٽنديون ضرب سان ذوالفقارن جي

ببر  بگڙيا  ڀٽي جهڙا  علم  بردار  ويٺا  هن

 

”مجاهد“ عشق موليٰ ۾ مري جي مرد ٿيا زنده

صداقت دار سي سنبريا سسيون ڌڙ ڌار ويٺا هن