مان نه رڳو

تنهنجي محبت جا مٽبا ٿا وڃن ميدان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي مرڪ سهرا مست ڪيا ميخان هزارين مان نه رڳو

 

محمد ڪري معراج آيو ايئن تاج پُٺيان بيتاج آيو

حسنين علي حسين آيو، سلمان هزارين مان نه رڳو

 

تنهنجي عشق عجيب مثال ڪيا عباس اويس بلال ڪيا

تنهنجي جلون هي جڳ پال ڪيا، جهان هزارين مان نه رڳو

 

جڏهن سڪندر شاه سيگار ڪيو اسلام وري آباد ٿيو

هئو حر ”مجاهد“ نعرو هنيو حيران هزارين مان نه رڳو

 

سري ديوي

سري ديوي سدا  سهڻي صنم  سينگارجي  بيٺي

گنگا جمنا منجهان گل ٿي وري وهنجارجي بيٺي

 

سندس وسيهر بي وس آهن ڦڻي ڦيري ته ڦڻ ٺاهن

چٽا ٿيا چنڊ تي چاري جڏهن ڇمڪارجي بيٺي

 

اچو! اوتيون عطر رومي گلابي مشڪ عنبر کي

کلي تان خود کليون کنوڻيون، کٿوري کارجي بيٺي

 

جڏهن جلوو ڪري جلوو، ڪري جلوو جڏهن جاني

گلابي رنگ گهري سان جڏهن گلزارجي بيٺي

 

گهڙي سا، جا گهڙي گهاريئه کلي کوه وٽ کيڪاريئه

”مجاهد“ کي ملي مارئيه هينئون دل هارجي بيٺي

 

 

 

 

ڄام تماچي

تماچي تڻ ڌڻي! تنهنجا قصا ڪينجهر   ٻڌائيندو

ڪڏهن هئي نامور نوري سبق سڀئي سڻائيندو

 

اُتي  اوڀار  جون  آريون   ملاحن  جت مڇيون    ماريون

بنايائون شهر بازاريون، کنيائون   جت   ککيون      کاريون

پکي ماريا ٿي   پاڙهيرن،   ڏيئي  جت  تار    ۾   تاريون

سمي جي هن سخاوت سان مياڻيون معاف ٿيون ساريون

رڇن    ۾    راڄ     ڦاسائي    پلا     جت       پچائيندو

 

ملاحن  جي  متا ميڙا  ڇڳيرين جت ڪيا ڇيڙا

گهڙيا  گهاتو   گهمي   گهيڙا   وڌائون   ٻار   ۾   ٻيڙا

جني مانگر ٿي مڇ ماريو ملاح سي مورڙي جهڙا

اڳيان  ڏس  آب  ٿو  اڌمي نه هي ڇيڙا نه هو ڇيڙا

تماچي  جو  اهو  تڪيو  جتي  هو   تاج پائيندو

 

سڄي   سئو   ڪوه   ۾   ساري   مٿس   پيا  بند هن باري

چٽي   چوڦبر   چوڌاري،  سڙهن   ٻيڙن   سان   سينگاري

منجهس ڪئين ڪن ڪلاڌاري ويهن واڳون اندر واري

ڪلانڪر کان ڪثر ڪاري آهي منڇر کان موچاري

اتر   جو    واءُ    آرين   کي   هندورين   جيئن     هلائيندو

 

جڏهن ايڪيهين صدي آئي تڏهن مون ڳالھ هيءَ ڳائي

نڪا ٻانهي   نڪا   ٻائي   نڪا   نوري   نظر   آئي

حسن جا حادثا هيڏا، ويئي سڀ خاڪ ڏس کائي

آ هوندل شاه هن جي قبر ڪنهن ۽ ڪڏهن  ٺاهي

سندس روحن تي راضي ٿي خدا رحمت وسائيندو

 

سمو   سائو   ۽   سوڀارو     مٿيرو     مرد   موچارو

هڻي جنهن نينهن جو نعرو کنيو جنهن ڄام  ٿي ڄارو

اندر  ۾   عشق    جو البت لڳس ڪو  آر اوڀارو

ڪنن ۾ پئي ڪڙڪيو جتي پاڻي     سندو پارو

”مجاهد“   عشق   منزل   پٽن   سين   ڇٽ لڳائيندو

سحرِ سامي

سحر سامي جيئن ڪر، سهڻل وجهي وئين سور ۾

هو توپ جو تاثير نهستي گهنڊ واري گهور ۾

 

داغ دل ۾ هن هزارين درد دوري دم ڪيا

دل کسي وئين دلربا تون دوستي دستور ۾

 

نينهن ناتو جيئن نديون ٿيون نت وهن نارا ڪريو

ٻيا  وري  نيزا  نظر  کان  نت  لڳن  ناسور   ۾

 

عشق! الفت جو اثر ڏس عشاقن جي عيد آه

عاشقن  جا  سر  اڳئي  اُت  اچن  انبور  ۾

 

تر ”مجاهد“ منهنجي ڪيا تحقيق طابع تاجدار

تحسين سان طاقت هئي تحقيق تجلي طور ۾

هڪ ڪنڍيون ڪاريون اکيون ٻيا ڪجل جا ڪانپيا

هڪ ڪنڍيون ڪاريون اکيون ٻيا ڪجل جا ڪانپيا

شيردل  شهباز  شوريل  منجھ ڇٽي  ميدان  پيا

وار وسيهر کان به وڌ ٿيا ور رکن واسينگ جيئين

ٻئي ڪلاڌاري ڪلهن تان نانگ ڪن نيشان پيا

اڄ انجمنِ ارم ۾ هيءَ آشنائي ڪئي عجيب

دلربا جي دست بيعت ڪن وڏا دگران پيا

برگ گل يا برف چمڪي يا بديحل باغ ل۾

يا ڪنڊون ڪاڪل جون ڪاريون يا کلي قرآن پيا

سيڪڙو سهڻا سلامي منجھ هرڻ حورون پريون

گلبدن گوشي نشيني منجھ گهمن غلمان پيا

هڙ حسينن تي حڪومت ڪئي اچي حضرت حسين

منتظر جنهن لاءِ ”مجاهد“ او اچي امتحان پيا